ٽنڊوالهيار: ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي صوبائي وزير ضيا عباس شاھه رضوي چيو آهي ته نيازي سرڪار ملڪ کي مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيڙهي ڇڏيو آھي، غريب ماڻھو هڪ ويلو کائڻ لا به پريشان آهن، ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ رمضان ۾ پرائس ڪنٽرول جي حوالي سان واپارين ۽ آفيسرن سان ڪيل اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين سبب کائڻ پيئڻ جي شين جا اگهه ڪنٽرول مان نڪري ويا آھن. ھن چيو ته ملڪ اناڙي سياستدانن حوالي ڪيو ويو هو، جن کي خبر ئي ناهي ته ملڪ هلائبو ڪيئن آهي. سپريم ڪورٽ تاريخي فيصلو ڏنو آھي، عدليه جي اهڙي فيصلي سان هن سليڪٽڊ نيازي سرڪار مان عوام هميشه لا ڇوٽڪارو حاصل ڪندو. هن چيو ته وڏي وزير جي هدايت تي آئون پاڻ رمضان ۾ مانيٽرنگ ڪريان پيو، وڌيڪ اگهھ وٺندڙ دڪاندارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن ٽنهي تعلقن جي اي سيز کي هدايت ڪئي ته وڌيڪ اگهھ وصول ڪندڙ دڪاندارن کي بخش نه ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ڊي سي ولي محمد بلوچ، ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي، اي ڊي سي ون ابراهيم عالماڻي، اي سي شيراز لغاري، عمير جروار ۽ ماما رتن لال سميت مختلف کاتن جي آفيسرن، واپارين ۽ شهرين شرڪت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close