سنڌ

لاڙڪاڻي پوليس جو ٻن نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ زرداد بروهي جي رهواسين لاڙڪاڻو پوليس هٿان مبينا کنڀي گم ڪيل ٻن نوجوانن جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيو. ڳوٺاڻي مراد بخش بروهي ڀاڻيجي عبدالواحد بروهي سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل ڏينهن صبح وقت منهنجو پٽ علي دوست سئوٽ مير دوست بروهي سان گڏجي موٽرسائيڪل تي رتوديرو سول ڪورٽ شنوائي تي وڃي رهيو هو، جتان رستي ۾ لاڙڪاڻو پوليس کين چيڪنگ بهاني بيهاري کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جن جا فون نمبر به بند آهن، شڪ آهي ته پوليس پٽ ۽ ڀائٽي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پٽ ۽ ڀائٽي کي آزاد ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button