سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ قتل ٿيل نوجوان جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ ۾ ڏيڍ مهينو اڳ گهٽي ۾ ويهڻ کان منع تان قتل ٿيل نوجوان سمير بروهي جي وارث عورتن قاتلن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. مقتول نوجوان جي ما شبانه خاتون بروهي پنهنجي پيرسن ما زرينه خاتون، ماسي ذوليخان ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ دانهيندي چيو ته گهٽي ۾ گهر اڳيان ويهڻ کان منع تان 13 آگسٽ تي ليڊي پوليس اهلڪار ارجمه شاهين پنهنجي ڀائرن سان گڏجي گهر تي حملو ڪري نوجوان پٽ سمير بروهي کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جو ڪيس دڙي ٿاڻي تي ڄاڻايل جوابدارن خلاف داخل ڪرايو، جنهن ۾ پوليس ٻن جوابدارن عدالت ۽ نظير جسڪاڻي کي گرفتار ڪيو آهي، جڏهن ته مک جوابدار ليڊي پوليس اهلڪار ۽ سندس ڀائرن کي پوليس گرفتار نٿي ڪري ۽ جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لا ڌمڪائي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button