اسلام آبادپاڪستانغير درجه بندي

سي ايس ايس جي لکت امتحان جا نتيجا پڌرا،2 سيڪڙو اميدوار ڪامياب

اسلام آباد :سي ايس ايس جي تحريري امتحانن جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي. ملڪ جي سڀ کان اعليٰ چٽاڀيٽي جي امتحان (سي ايس ايس) جي نتيجن جي اعلان موجب مجموعي طور تي 39 هزار 650 اميدوارن امتحان لاءِ اپلاءِ ڪيو هو، جنهن مان 17 هزار 240 اميدوارن امتحان ۾ شرڪت ڪئي ۽ لکت واري امتحان ۾ 354 اميدوار ڪامياب ٿيا. امتحان ۾ اميدوارن جي ڪاميابي جي شرح 2 ڏهائي 11 سيڪڙو رهي. ڪامياب اميدوارن ۾ بلور خان پهرين، سردار عثمان سليم ٻي ۽ فائزا اڪمل ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جي ميڊيڪل ٽيسٽ ۽ انٽرويو جي تاريخن جو اعلان پوءِ ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button