اينٽي ڪرپشن حيدرآباد جي سرڪل آفيسر اسد لاڙڪ پنھنجي ٽيم سان گڏ پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ جي آفيس تي ڇاپو ھڻي ٻن سالن جو رڪارڊ ضبط ڪري ورتو. ان سلسلي ۾ سرڪل آفيسر اسد لاڙڪ ٻڌايو ته ڊرينيج سسٽم ۽ فلٽر پلانٽ جي مد ۾ من پسند ٺيڪيدار کي ايڊوانس ۾ ڪروڙين رپيا ڏنا ويا آھن، اھڙين شڪايتن تي اسان آفيس مان ٻن سالن جو رڪارڊ ضبط ڪري ورتو آھي، وڌيڪ جاچ ڪري ملوث ڪردارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close