اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم جو طورخم سرحد رستي افغانين جي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ خاص پاس ختم ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان طورخم سرحد جي رستي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ خاص پاس ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم جي خاص مددگار ارباب شهزاد مطابق وزيراعظم انهن افغان شهرين کي بنا ڪنهن رڪاوٽ پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن، جن وٽ پاڪستاني ويزا هجي. خاص مددگار هڪ ٽوئٽ ۾ چيو ته وفاقي ڪابينا خاص پاس جاري ڪرڻ لاءِ پئسن جي وصولي جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي. هتي اها ڳالهه ڌيان جوڳي آهي ته طورخم سرحد بند ٿيڻ سبب هزارين اهي افغان جن کي ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني ڪجهه هفتن ۾ ويزا جاري ڪيا آهن اهي پاڪستان ۾ داخل نٿا ٿي سگهن. جڏهن ته جلال آباد، طورخم ۽ اسلام آباد ۾ مافيا خاص پاس جاري ڪرڻ لاءِ افغانين کان 300 کان وٺي 400 ڊالر جو مطالبو ڪندا رهيا. ڪابل ۾ پاڪستاني سفير منصور احمد چيو ته پاس ختم ڪرڻ بابت وزيراعظم جي فيصلي کان پوءِ افغانين کي طورخم سرحد ڪراس ڪرڻ جي سهولت ڏني ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button