پاڪستانسنڌ

جونگل هائ اسڪول مان چوري خلاف شاگردن جو احتجاج

جونگل جي بوائز ها اسڪول ۾ چور دروازا ۽ دريون ٽوڙي هينڊ پمپ، ٽي ڪپ ۽ سيف رڪارڊ جو تالو ٽوڙي سامان چوري ڪري ويا. چوري بابت بي سيڪشن پوليس کي اطلاع ڏنو ويو. اهڙي واقعي خلاف ماسترن ۽ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي استاد امجد خان پهوڙ، اعجاز پهوڙ، عنايت الله سومرو، امان الله سومرو، نظام الدين سومرو، غلام رسول پهوڙ، عبدالحق ۽ ٻين دانهيندي چيو ته پهريان به دروازا ٽوڙي ڪلاسن جا پکا چوري ڪيا ويا ۽ هاڻي هي وارداتون ٿيون آهن. هنن چيو ته اسڪول ۾ چوڪيدار نه هئڻ ڪري چوريون ٿي رهيون آهن. هنن تعليم کاتي جي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته اسڪول ۾ چوڪيدار مقرر ڪري نوٽيس وٺي چورن کي گرفتار ڪري سامان واپس ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button