پاڪستانسنڌ

حليم عادل شيخ جو سنڌ ۾ سامونڊي طوفاني سبب ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪراچي سميت سنڌ جي شهرن ۾ طوفاني برساتن کي نظر ۾ رکندي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي.

سامونڊي طوفان ۽ برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪيا وڃن، موسميات کاتي جي اڳواٽ اطلاع کي نظر ۾ رکندي عوام کي مڪمل آگاهي فراهم ڪئي وڃي.

ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت ترت قدم کڻي، سنڌ حڪومت جو کاتو پي ڊي ايم اي غيرفعال آهي، ان کي فعال ڪيو وڃي.

.تيز طوفاني برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعلقي سطح تائين اعليٰ سطحي حڪومتي رليف ڪميٽيون ٺاهيون وڃن

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button