مٺي: مٺي ۾ آر او پلانٽس ملازمن 18 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ڊي سي آفيس آڏو ڪيترائي ڪلاڪ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. رپورٽ موجب مٺي ۾ آر او پلانٽس ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڊي سي آفيس جي مک دروازي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ۽ پگهارون نه ملڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ملازمن عرفان بجير، موهن لال ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ٿر جي مختف آر او پلانٽس تي ڪم ڪندڙ 6 سئو کان به وڌيڪ ملازمن کي 18 مهينن کان پگهارون نه مليون آھن، پگهارون نه ملڻ ڪري ٻار بکون ڪاٽي رهيا آهن، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتو ۽ اوسلو ڪمپني آر او پلانٽس جي ايندڙ بجيٽ ھڙپ ڪري رهيا آھن ۽ ملازم پگهارن لا دربدر ۽ پريشان آھن، پگهارون نه ملڻ تائين ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو جاري رهندو، هنن چيو ته ملازمن کي پگهارن جي بار بار ڪوڙن دلاسن تي دربدر ڪيو ويو آھي، هنن چتا ڏيندي چيو ته پگهارون نه ڏنيون ته لاڳاپيل ڪامورن جو گهيرا ڪرڻ سان گڏ عيد جي ڏينهن به ٻچن سميت احتجاجي ڪئمپ ڪري ويٺل رهنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close