
عثمان شاھه ھڙي: عثمان شاهھ ھڙي ويجھو ڳوٺ محبت سولنگي ۾ پورهيت جي گهر ۽ مال جي واڙي کي اوچتو باهھ لڳي وئي، جنهن سبب 3 ڍڳيون، 4 ٻڪريون ۽ لکين رپين جو سامان سڙي ويو. ڳوٺاڻن جي اطلاع باوجود انتظاميا فائربرگيڊ گاڏي نه موڪلي، جنهن سبب پورهيتن جو الھه تلھه سڙي رک ٿي ويو. باھه متاثر اشرف سولنگي ۽ خدا ڏنو سولنگي ٻڌايو ته باهھ لڳڻ ڪري گهرن ۾ پيل سامان ۽ چوپايو مال سڙي رک ٿي ويو آهي، هاڻ کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھيون. انتظاميا کي گهرجي ته نوٽيس وٺي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.