ڪرونا جي عالمي وبا واري ويڪسين جي سرٽيفڪيٽ تي مودي جي تصوير مٿان ٺٺول ڪندڙ هڪ آمريڪي شهري جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو هر جڳهه تي پنهنجي تصوير ڇپرائڻ واري شوق مٿس ٺٺول ڪرائي ڇڏي آهي ۽ هڪ آمريڪي شهري مودي تي ٺٺولي ڪندي وڊيو ۾ اهو سرٽفيڪيٽ ڏيکاري چئي رهيو آهي تھ مان سرٽيفڪيٽ تي اها تصوير ڏسي حيران ٿي ويس، ڇاڪاڻ تھ هي تصوير ان ماڻهو کان بنهه مختلف هئي، جنهن ڪرونا ويڪسين لڳرائي آهي. مون کي ڪنهن کان پڇيو، هي ڪير آهي تھ ٻڌايوويو، ڀارتي وزيراعظم آهي. هن مسٽر ڪووڊ مودي بھ چيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close