غير درجه بندي

نئين ۽ پراڻي پاڪستان وچ ۾ ڀٽڪندڙ عوام

Editorial-Article-Shahid Rajpar

پاڪستان جي عوام سدائين جمهوريت جو علم کڻي هلندڙ ڌرين جو ساٿ ڏنو آهي، پوءِ اهي اڳواڻ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا هجن يا پاڪستان مسلم ليگ (نواز) پاڪستان مسلم ليگ (ق) پاڪستان مسلم ليگ (ف) پاڪستان تحريڪ انصاف چاهي ڪهڙي به سيیاسي جماعت هجي پر پاڪستاني عوام پنهنجو ڪردار بهتر نموني ادا ڪيو آھي. پاڪستان جي قيام کان هن دور تائين پاڪستان تي ڪيترن ئي حڪمرانن حڪومت ڪئي آھي ۽ اڳٽي به ڪيترائي چھرا حڪومت جون واڳون سنڀالڻ لاءِ آتا ويٺا آھن.
پاڪستان تحريڪ انصاف پاڪستان جي عوام جي ذھنن ۾ نئون نعرو متعارف ڪرايو `نئون پاڪستان ۽ تبديلي، نئين پاڪستان ۽ تبديلي جي نعري پاڪستان جي ڪجھه عوام کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ جنهن سبب سندس هلندڙ قافلي ۾ شامل ٿي ويو ۽ ڪجھه سالن جي جدوجهد کان مهربانن جي مهرباني سان حڪومت جون واڳون سندس حوالي ڪيون ويون ۽ حلف کڻڻ دوران ئي ٻٽاڪي سياست کي هٿي ڏنائين لکين گهر ٺاهي غريبن کي ڏينداسين، بجلي گئس ۽ کاڌ خوراڪ جون شيون سستيون ڪبيون، عوام ڏاڍو خوش ٿيو ته واقعي تبديلي اچي وئي آهي ۽ نئون پاڪستان پنهنجي تاريخ رقم ڪندو.
پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جڏهن حڪومت مخالف ڌرڻا مظاهرا ڪندو هو ته چوندو هو، جڏهن بجلي مهانگي ٿئي ته سمجهيو اوهان جو حڪمران چور آهي، جڏهن پيٽرول جي قيمت وڌي سمجهيو اوهان جو حڪمران چور آهي، جڏهن بجليءَ جو بل وڏيڪ اچي ته اهو ڦاڙي ڇڏيو. هڪ ڀيري ته ڪنٽينر تي بيهي بجليءَ جو بل ساڙيندي پاڻ عوام کي سول نافرماني لاءِ اڪسائي رهيو هو ته ڪرپٽ ۽ چور حڪمرانن مان جان ڇڏايو.
بهرحال وزارت عظميٰ ملڻ کان پوءِ به سندس اڪثر بيانن مان ائين لڳندو هو، ڄڻ پاڪستان جو وزير اعظم نه بلڪه مخالف ڌر جو اڳواڻ ڏينهون ڏينهن مهانگائي عروج حاصل ڪري وڃي آسمان تي پهتي. پيٽرول جا اگهھ 80 روپين مان 158 روپين کان وڌڻ لڳا. بجلي، گئس، کنڊ، اٽو، گيهھ، داليون ۽ چانور غريب طبقي جي وٺڻ کان چڙھڻ لڳا ڊالر جو اگھه وڃي 170 جي لڳ ڀڳ پهتو ۽ مهانگائي عوام کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا ۽ عوام سوچڻ لڳو ته هن نئين پاڪستان ته اسان جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن، ان کان ته پراڻو پاڪستان بهتر هو، گهٽ ۾ گهٽ گذارو ته ٿئي پيو ۽ سوشل ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي پڻ بحث ڇڙڻ لڳا ته جيڪڏهن نئون پاڪستان عوام کي رليف فراهم نٿو ڪري سگهي ته اسان کي پراڻو پاڪستان موٽائي ڏيو. گهٽ ۾ گهٽ کائيندا ۽ رهندا ته سڪون سان هئاسين،
هر روز پيٽرول ۽ ڊيزل جا نوان اگھه مقرر ڪيا وڃن. بجلي ۽ گئس مهانگي ٿيڻ لڳي ڏهاڙيدارن جي ڏھاڙي ۽ پگهاردارن جي پگهارن ۾ اضافو نه ڪرڻ سبب ماڻھن کي منجهائي ڇڏيو ۽ متيون ئي منجهائي ڇڏيون. غريب عوام جون حالتون ڳنڀير ٿينديون ويون ۽ گذر سفر ڏکيو ٿيندو ويو. عمران خان اقتدار دوران پنهنجي حڪمراني دور کي رياست مدينه سان مشابهت ڏيندو رهيو ۽ چوندو هو ته جيستائين هڪ به ماڻهون ڍئو ڪري نه سمهندو آهي ته مون کي ننڊ نه ايندي آهي پر انتهائي افسوس سان چوڻو پيو پوي ته عمراني سرڪار جي حڪمراني دوران ڪيترائي خاندان بکن تي سمهندا هئا ۽ عمراني دور کي تاريخ ۾ غريبن لاءِ ڪاري دور طور ياد ڪيو ويندو.
چوندا آھن هر رات کان پوءِ ڏينهن ايندو آهي ۽ اوندهه کان پوءِ روشني نروار ٿيندي آهي ۽ اهڙي ريت حالتون ڳنڀير ٿيڻ سبب شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي لخت جگر بلاول ڀٽو زرداري عمراني سرڪار جي اجاين پاليسين، ناڪام حڪمراني، وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف عوامي لانگ مارچ جو اعلان ڪيو ۽ سندرو ٻڌي ميدان ۾ ڪاهي پيو جو ان جي لانگ مارچ سبب هڪ ڏينهن ۾ ئي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن جا اگھه لاٿا ويا. اها بلاول ڀٽو زرداريءَ جي قافلي جي پهرين شاندار ڪاميابي هئي ۽ اڳتي هلي عمران خان نيازيءَ جي ڪاري دور جي پڄاڻي پهتي ۽ پراڻو پاڪستان کپي جو نعرو هڻندڙن پراڻو پاڪستان حاصل ڪري ورتو آھي.
پراڻي پاڪستان مان عوام کي وڏيون اميدون آھن. ھي حڪومت معاشي خوشخالي آڻيندي نئين ڪابينه پنهنجا پنهنجا قلمدان سنڀالي ورتا آھن پر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين ۽ عوامي لانگ مارچ جي سرواڻ بلاول ڀٽو زرداريءَ لاءِ رڏيهي وزارت جي آڇ ڪئي وئي آھي، جيڪا في الحال ان قبول ناهي ڪئي ۽ اڪثر سنڌ جو عوام به ان ڳالهھ جو مخالف آھي ته بلاول ڀٽو پرڏيهي وزارت جو عهدو سنڀالڻ کان نابري واري ۽ اها وزارت ڀلي ڪنهن ٻئي پ پ جي ايم اين اي کي ڏني وڃي. ڇاڪاڻ ته پرڏيهي وزات بلاول ڀٽو زرداريءَ جي قدڪاٺ تي نٿي لهي ۽ بلاول ڀٽو پاڻ هڪ پارٽيءَ جو چيئرمين ۽ ڪروڙين ماڻھن جو ليڊر ٿي ٻئي ڪنهن جي ڊڪٽيشن تي ڪيئن ٿو هلي سگهي ۽ اهڙي عهدي کان هزار ڀيرا بهتر آهي ته پاڻ اتحادي طور حڪومت سان ڀلي گڏ هجي پر وزارت وٺي پاڻ سان زيادتي نه ڪري، جيڪڏهن اها غلطي ڪيائين ته اها سندس وڏي سياسي غلطي هوندي.
ڪنهن به حڪومت جو بنيادي مقصد عوام کي رليف فراهم ڪرڻ هوندو آهي، هن وقت هڪ پاسي ملڪ قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي ته ٻئي پاسي وري ملڪي معيشت برباد ٿي چڪي آهي. حڪومت لاءِ اهي ٻه وڏا چيلينج آهن، جن کي منهن ڏيڻ ڪنهن به ريت آسان ڪونهي. هڪ ڀيرو وري اهو به ٻڌڻ اچي رهيو آهي ته پيٽرول جون قيمتون وڌڻ واريون آهن، جنهن سان عوام تي وري بار پوندو. جڏهن ته اڳوڻي حڪومت عوام تي اڳ ئي ايترو معاشي بار وجهي ڇڏيو آهي، جنهن کي کڻڻ عوام لاءِ گهڻو ڏکيو آهي. پر جيڪڏهن هي حڪومت به مهانگائي ۽ معاشي بحران کي حل نٿي ڪري سگهي ته پوءِ عوام کي اهو ئي لڳندو ته هو عمران خان جي نئين پاڪستان ۾ جي رهيو آهي. ان ڪري پيپلز پارٽيءَ کي ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ عوام لاءِ ته هي پراڻو به پاڪستان به ساڳيو ئي هوندو.
بلاول ڀٽو زرداري کي گهرجي ته اتحادي طور عوامي مفادن لاءِ جدوجهد ڪري ۽ مهانگائيءَ جي بي قابو جن کي بند ڪري بوتل ۾ وجهرائي ڇاڪاڻ ته هن وفاقي حڪومت مان به عوام لاءِ چڱائيءَ جون اميدون گهٽ پيون ڏسجن، جيڪي پڻ موجوده حڪومت لاءِ فائدي مند نه آھن. تنهن لاءِ بهتر آھي ته بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزارت جو قلمدان نه وٺي ۽ حڪومتي اتحادي جي حيثيت سان ننڍن ملازمن ۽ عوام کي رليف ڏياري باقي هينئر جيڪي حالتون هلي رهيون آھن، غريب عوام شديد تڪليفن مان گذري رهيو آھي ۽ ائين محسوس ٿي رهيو آھي جيئن ڪو مسافر رستو ڀٽڪي ويندو آھي. اهڙي ريت پاڪستاني عوام پڻ پراڻي ۽ نئين پاڪستان جي چئو واٽي ڪنهن مسافر جيان ڀٽڪيل ۽ هيسايل ڏسجي رهيو آھي ته اسان جي منزل ڪٿي آھي؟؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button