پاڪستانسنڌ

مخدوم سعيد الزمان جي سالي طرفان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي جي ڪوشش

هالا: هالا جي اڳوڻي ڪائونسلر ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان جي سالي محمد بچل مغل پاران پنهنجي گهر اندر ڪمري ۾ پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگھات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پسٽل جي فائر جي آواز تي سندس وارثن پھچي زخمي محمد بچل مغل کي فوري طور طبي امداد لا تعلقه اسپتال هالا آندو ويو، جتي انتھائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ وڌيڪ علاج لا کيس سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.

زخمي محمد بچل مغل الزام هڻندي چيو ته منھنجي ڀيڻيويي مخدوم سعيد الزمان منھنجي سڄي ملڪيت تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، ڪجھه وقت پھرين سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان کي نوٽيس وٺڻ جو چيو هو پر معاملي جو نوٽيس نه ورتو ويو، مخدوم جميل الزمان معاملي ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي، اطلاع باوجود پوليس سميت انتظاميه ڪجھه ناهي ڪري سگهي، جنھن سبب مون مجبور ٿي اهڙو قدم کنيو آهي، ھن وڌيڪ چيو ته ميان حسام الدين ڀٽي، يونس ملڪ، احمد خان کٽياڻ مخدوم سعيدالزمان جا ساٿي آھن، اھي مون کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، جيڪڏهن مون کي ڪجھه به ٿيو ته ان جا ذميوار اھي ئي ھوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button