سنڌ

سرحد ڀرسان گهر جي ڀت کڻڻ تان جهيڙي جو زخمي نوجوان فوت

سرحد ٿاڻي جي حد ڳوٺ متو ڊکڻ جي ٻن ڌرين ۾ گھر جي ڀت ڪڍڻ تان جھيڙي جو زخمي دلبر پٽ حاجي عارب سومرو رحيم يار اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش وارث ميرپور ماٿيلو اسپتال کڻائي آيا، جتي ڊاڪٽر موجود نه هجڻ ڪري دير تائين پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو. هوڏانهن علائقي ۾ خوف واري صورتحال آهي، جڏهن ته مقتول نوجوان جي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو. ان موقعي تي مقتول جي وارثن دانهيو ته اسان سان ظلم ٿيو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button