ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار جي تعلقي چمبڙ کان 5 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي تعمير ٿيندڙ بلاول ڀٽو زرداري پبلڪ اسڪول جو ڪم 10 سال گذرڻ باوجود مڪمل ناهي ٿي سگهيو، تعليم کاتي طرفان تعمير ڪرايو ويندڙ اسڪول اڃا تائين ٺهي ناهي سگهيو. بلاول ڀٽو پبلڪ اسڪول جو افتتاح اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه ٽنڊوالهيار جي دوري دوران 28 جولا 2012ع ۾ ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري پبلڪ اسڪول جو ڪم ان وقت ورڪس اينڊ سروسز کاتي وٽ هو، جنهن بعد هاڻ اهو ڪم تعليم کاتي وٽ آهي، پر پو به رڳو اڪيڊمڪ بلاڪ مڪمل ٿي سگهيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته 2 ڪروڙ رپيا اڪيڊمڪ بلاڪ تي لڳي چڪا آهن، ٻيو ڪم مڪمل ڪرڻ لا ڪجهه مهينا اڳ اسڪيم روائيس لا موڪلي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ٽنڊوالهيار ۽ چمبڙ جي شهرين جو چوڻ آهي ته ٽنڊوالهيار ضلعو پ پ جو مضبوط قلعو آهي، 10 سالن ۾ اسڪول نه ٺهڻ حيرت جهڙي ڳالهه آهي، بلاول ڀٽو زرداري جي نالي تي قائم ٿيندڙ پبلڪ اسڪول جو ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي، جيئن هتي جا مستقبل جا معمار علم جي زيور کان مالامال ٿي سگهن. شاگرد علم حاصل ڪرڻ لا ٻين علائقن جي پبلڪ اسڪولن ڏانهن وڃن ٿا. شهرين، سماجي ڌرين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن مطالبو ڪيو ته بلاول ڀٽو زرداري پبلڪ اسڪول جو ڪم مڪمل ڪيو وڃي. ٻئي پاسي طرف ايجوڪيشن ورڪس جي ايڪسيئن عبدالفريد سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي، پر هو پنهنجي آفيس ۾ موجود نه هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close