پاڪستانسنڌ

کپرو ۾ لوڊشيڊنگ ۽ ٽرانسفارمر خراب هجڻ خلاف شهرين جو ڌرڻو

کپرو: کپرو ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف شھرين احتجاجي مظاهرو ڪيو. شھرين مرتضى ملاح، الهبخش کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد چوڪ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن دوران شهرين سخت نعريبازي پڻ ڪئي. هنن چيو ته ھڪ ته حيسڪو عملي پاران 16 ڪلاڪ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي، ٻيو وري ملاح پاڙي سميت ڪيترن ئي ڪالونين جا سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نٿا ڪيا وڃن، جنھن سبب ھن شديد گرمي ۾ وڏي پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهيون. شڪايتون ڪرڻ باوجود حيسڪو عملدار ۽ ضلعي انتظاميا ٻڌي نٿي. هنن حيسڪو چيف کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪري سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button