ڊگھڙي: ڊگهڙي ۾ راجا ٽائون ڪيسراڻي ڪالوني جي رهواسي عبدالحميد آرائين پريس ڪلب پهچي صحافين اڳيان سخت احتجاج ڪيو. هنن چيو ته رمضان ۾ مسجد نبوي صه ۾ پاڪستاني شهرين پاران ڪيل نعريبازي جي مذمت ڪريون ٿا، اهڙي عمل سان مسجد نبوي صه جو تقدس پائمال ٿيو آهي، اهڙي ڪريل حرڪت تي مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي. هن چيو ته سياست ۽ سياسي اختلاف پنهنجي جا تي پر تحريڪ انصاف جي ماڻهن سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته مون مسجد نبوي صه جو تقدس پائمال ڪندڙن خلاف ڊگهڙي ٿاڻي تي درخواست ڏني آهي. هن وفاقي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو ته ملوث ڌرين خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close