پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ شهيد عارب چانڊيو جي ستين ورسي، ڀيٽا پيش

ڊگھڙي: يوم مئي جي موقعي تي شھيد ڪامريڊ عارب چانڊيو جي ستين ورسي ڊگھڙي ڀرسان ڳوٺ چاڪر خان چانڊيو لڳ دولت موڙ تي سنڌي مزدور تحريڪ طرفان ملهائي وئي، شهيد ڪامريڊ عارب چانڊيو جي مزار تي سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري جي اڳواڻي ۾ گلن جي چادر چاڙي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. تقريب کي سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، عوامي تحريڪ ضلعي ميرپور خاص جي صدر ايڊووڪيٽ غفار ناريجو، امير بخش جروار، اي ڪي احمداڻي، خير محمد چانڊيو، غلام محمد چانڊيو، وزير چانڊيو، نواب احمداڻي، اقبال چانڊيو، طالب جروار، مرتضى چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شهيد عارب چانڊيو هميشه مزدورن ۽ مظلوم طبقي جي ماڻھن لا جدوجهد جي ميدان تي رهيو، جنهن ڪڏهن به پنهنجي اصولن جو سودو نه ڪيو ۽ ساھه جي آخري گهڙي تائين عوامي تحريڪ سان سلهاڙيل رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button