اسلام آبادپاڪستان

ملڪ صحافين لا غيرمحفوظ،حملن جا 86 واقعا رپورٽ ٿيا:فريڊم نيٽورڪ

اسلام آباد :پاڪستان ۾ صحافين جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ايوارڊ ماڻيندڙ اداري (فريڊم نيٽ ورڪ) جي جاچ رپورٽ مطابق مئي 2021 ۽ اپريل 2022 دوران وچ ۾ ملڪ ۾ ميڊيا ۽ صحافين تي حملن ۽ ڀڃڪڙين جا 86 واقعا ٿيا. فريڊم نيٽ ورڪ جي تحقيقي ۽ تجزيي تي ٻڌل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل سال صحافين جي حقن جي ڀڃڪڙين جون ڪل رپورٽن ۾ گهٽتائي آئي آهي. جڏهن ته ڊجيٽل ميڊيا لاءِ ڪم ڪندڙ صحافين کي ٽارگيٽ بنائڻ جو رجحان جاري رهيو. فريڊم نيٽ ورڪ صحافين سان ٿيندڙ ڀڃڪڙين ۽ اظهار جي آزادي تي حملن تي مسلسل بنيادن تي نظر رکي ٿو. 3 مئي تي عالمي سطح تي ملهايو ويندڙ پريس فريڊم ڊي جي حوالي سان جاري ڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حڪومت پاران ڊرامائي انداز ۾ وڌندڙ جبر جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ صحافين لاءِ رياستي عناصر بدستور سڀ کان وڏو خطرو بڻيل رهيا. جنهن جا نتيجا تشدد، قانوني ڪيس، اغوا حراست ۽ ڌمڪين جي صورت ۾ ظاهر ٿيا. فريڊم نيٽ ورڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اقبال خٽڪ چيو ته جهڙوڪ ڊجيٽل ميڊيا پاڪستان ۾ هڪ نئون منظرنامو آهي، ان لاءِ حڪومت آن لائن آزادي تي ڪريڪ ڊائون ڪرڻ لاءِ وڌيڪ بيچين آهي ۽ ڊجيٽل ميڊيا سان لاڳاپيل صحافين کي حراسان ڪرڻ، غلط ورتاءُ ۽ قانوني ڌمڪين جو منظم حدف آهن پر اسان کي بارڊرز کان سواءِ پنهنجي ان آن لائن آزادي جي حفاطٽ ڪرڻ گهرجي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته چئني صوبن، اسلام آباد، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪوبه هنڌ صحافين لاءِ محفوظ نه آهي ۽ هرهنڌ صحافين تي حملا ٿي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button