اسلام آباد : وزيراعظم شهبازشريف پهريون پرڏيهي دوري ڪري وطن واپس پهچي ويو آهي. گذريل ڏينهن وزيراعظم شهبازشريف سعودي عرب جي ٻن ڏينهن جي دوري کان پو گڏيل عرب امارات جي هڪ ڏينهن جي دوري تي پهتو هو. دوري دوران وزيراعظم ابوظهبي جي ولي عهد شيخ محمد بن زايد آل النهان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ گڏيل مفاد ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي غور ڪيو ويو. ملاقات ۾ شيخ محمد بن زايد ال النهان اميد ڏيکاري ته شهبازشريف جي اڳواڻي ۾ پاڪستان وڌيڪ ترقي ڪندو. ٻئي پاسي اماراتي قيادت پاران پاڪستان جي حمايت تي پاڪستاني قيادت پاران شڪريو ادا ڪيو ويو. ياد رهي ته هن کان اڳ وزيراعظم شهبازشريف سعودي عرب جو دورو ڪيو عهدو سنڀالڻ کالن پوءِ هي سندس پهريون پرڏيهي دورو هو دوري ۾ وزيراعظم سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات به ڪئي هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close