اسلام آبادپاڪستان

عمران خان فتنو آهي،گرفتار ڪيو ويندو:گهرو وزير

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله مسجد نبوي صه واقعي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو اشارو ڏئي ڇڏيو. عمران خان هڪ فتنو آهي، بلڪل کيس گرفتار ڪيو ويندو. ڪالهه اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پريس بريفنگ دوران اڳوڻي وزيراعظم تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان پنهنجي دور ۾ به مديني واري رياست کي ذاتي سياست لاءِ استعمال ڪري رهيو هو. مسجد نبوي ۾ ٿيل واقعي تي پوري مسلم امت صدمي ۾ آهي جنهن جي سڄي ملڪ ۾ مذمت ٿي رهي آهي پر جنهن جماعت خلاف الزام لڳايو ويو آهي ان اڄ تائين مذمت ناهي ڪئي. هن چيو ته عمران خان نيازي ساڍا ٽي سال ڪوڙا ڪيس ٺاهي ظلم ڪندو رهيو، مديني واري رياست کي پنهنجي دور ۾ ذاتي سياست لاءِ استعمال ڪيو ۽ اڄ به ڪري رهيو آهي. گهرو وزير چيو ته عمران نيازي چوندو هو ته اسان کي گهرن مان نڪرڻ نه ڏنو ويندو، هاڻي اوهان (عمران خان) کي گهرن مان نڪرڻ نه ڏينداسين. ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله هڪ بيان ۾ چيو ته پاڻ سڳورن صه جن جي روضي تي اهڙو عمل ڪندڙن خلاف ڪيس داخل نه ڪرڻ جو ڪو جواز ناهي، جيڪو به شهري ڪارروائي لاءِ ايندو، حڪومت رنڊڪ نه بڻجندي. هن چيو ته باقاعدي طور رٿابندي سان ماڻهن کي اڪسايو ويو، ڪجهه ماڻهو برطانيا مان انيل مسرت ۽ صاحبزادي جهانگير جي سربراهي ۾ سعودي عرب آيا، انهن ماڻهن جيڪو عمل ڪيو، ان تي قطعي معافي نه ڏني ويندي. راڻا ثناءُ الله تحريڪ انصاف چيئرمين کي فتنو قرار ڏيندي چيو ته بلڪل کيس گرفتار ڪيو ويندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڇا ڪڏهن ڪنهن چنڊ رات تي احتجاج جو سڏ ڏنو آهي، ماڻهو عيد جي رات هڪٻئي سان ڀاڪر پائي ملندا آهن، هي شخص نوجوان نسل کي گمراهه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سعودي عرب ڪجهه ماڻهن کي ڊي پورٽ ڪرڻ ۽ انهن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. شيخ رشيد بابت سوال تي راڻا ثناءُ الله چيو ته سياست کي مسجد نبوي صه تائين کڻي وڃڻ جو تصور ڪير به نٿو ڪري سگهي. هي چريو انسان اهڙيون حرڪتون ڪندو رهندو آهي، گفتگو ۽ پريس ڪانفرنس ڏسي سگهو ٿا. شيخ رشيد جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ ڇا ڪنهن ثبوت جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button