سنڌ

مزدورن ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان جي مزدورن هن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام هن چيو ته سنڌ حڪومت مزدورن جي حقن لاءِ عملي قدم کنيا آهن. سنڌ حڪومت مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ مزدوري 25 هزار رپيا ڪري انهن جي چلهن کي ٻاريو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت هارين کي به ڪونه وساريو آهي، هارين، آبادگارن لاءِ به قانون ٺاهيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت جبري پورهئي جي خاتمي جو قانون 2015ع ۾ آندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ليبر پاليسي تحت چائلڊ ليبر خلاف قدم کنيا، مزدورن جي زندگي تبديل ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي اڄ تائين جدوجهد ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button