سنڌ

ڪنڊيارو ڀرسان منشيات جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ بازيدپور جي رهواسين منشيات جي وڪري خلاف نيشنل پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو, ان موقعي تي عزيز الله مڱريو، عبيدالرحمان سعيد مڱريو، عبدالصمد مڱريو ۽ ٻين دانهيو ته ڳوٺ بازيدپور ۾ سرعام منشيات وڪرو ٿي رهي آهي، منشيات جي وڪري سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي. هاڻ ته ننڍا ٻار به منشيات واپرائي رهيا آهن. ڪنڊيارو پوليس سميت ايس ايس پي نوشهروفيروز کي لکت ۾ آگاهي ڏني آهي پر بازيدپور مان منشيات جو وڪرو بند نه ٿي سگهيو آهي. احتجاج ڪرڻ باوجود وس وارا نوٽيس نه پيا وٺن. پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته بازيدپور مان منشيات جو وڪرو بند ڪرائي نوجوان نسل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي. ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button