سنڌ

خيرپور ۾ چئن تعلقن کي ملائيندڙ لنڪ روڊ ٽٽل،رهواسي پريشان

خيرپور ضلعي جي چئن تعلقن سوڀوديرو، ٺري ميرواهه، فيض گنج ۽ نارو جي شهرن ۽ ڳوٺن کي ملائيندڙ شاهه جي مشين سيٺارجا بالا بدرالدين صديقي لنڪ روڊ جي ڪيترن ئي سالن کان مرمت نه ٿي سگهي، جنهنڪري روڊ ۾ کڏا پئجي ويا آهن، ان ڏس ۾ رهواسين نياز حسين، ذوالفقار، بلاول، محمد يعقوب، امداد علي ۽ ٻين چيو آهي ته هي علائقو ويجيٽبل اسٽيٽ سڏيو ويندو آهي، هن روڊ سان هتان جان رهواسي ملڪ جي وڏين سبزين منڊين سکر، فيصل آباد،ڪوئٽا وڃن ٿا، انهن کي وڏين تڪليفن جو منهن ڏسڻو پئي ٿو. هنن چيو ته چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ وقت وڏا وڏا واعدا ڪري وڃن ٿا، اهي وفا نه ٿيا آهن ۽ گم ٿي ويا آهن. هنن چيو ته روڊ جي جلد مرمت ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button