عالمي

سعودي عرب سميت نار وارن ملڪن ۾ عيدالفطر ملهائي وئي

رياض: سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ نار جي ٻين ملڪن ۾ عيدالفطر ڪالهه مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي. جڏهن ته برطانيا، آمريڪا، فرانس ۽ ڪينيڊا ۾ به ڪالهه عيدالفطر ملهائي وئي. سعودي بادشاهه سلمان، ولي عهد محمد بن سلمان ۽ مڪي جي گورنر عيد جي نماز مسجدالحرام ۾ ادا ڪئي. جڏهن ته مسجد نبوي صه ۾ به وڏي انگ ۾ ماڻهن عيد جي نماز ادا ڪئي. ان کان علاوه مسجد قبلتين ۽ مسجد قباءَ ۾ به عيد جي نماز ادا ڪئي وئي. سعودي عرب ۾ ٻن سالن کان پوءِ سمورين مسجدن ۽ عيد گاهه ۾ مڪمل گنجائش سان گڏ عيد جي نماز ادا ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button