پاڪستانسنڌ

نئون ڪوٽ ۾ آبپاشي عملي تي فائرنگ خلاف مظاهرو

نئون ڪوٽ: نئون ڪوٽ ۾ ڊائريڪٽر نارا ڪئنال جي ٽيم تي پاڻي چور آبادگارن طرفان ڪيل هوائي فائرنگ بعد آبپاشي سب ڊويزن نئون ڪوٽ جي ٽيل جي آبادگارن 22 ميل موري کان نئون ڪوٽ تائين ڊائريڪٽر نارا ڪئنال منصور ميمڻ جي حق ۾ ريلي ڪڍي. ان موقعي تي رڻ شاخ سب ڊويزن نئون ڪوٽ جي آبادگارن موسى احمداڻي، رمضان لنڊ، محمد عيسى لنڊ ۽ ٻين چيو ته ڊائريڪٽر نارا ڪئنال تي پڇڙين کي پاڻي پهچائڻ جي ڏوهه ۾ هوائي فائرنگ ڪري سندس هٿ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، واقعي ۾ ملوث پاڻي چورن خلاف سخت ڪارروائي ڪري پاڻي چوري کي ٻنجو ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button