پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ پاڻي کوٽ خلاف اڄ جسم جو احتجاج رٿيل

حيدرآباد: جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، نواز شاھه ڀاڏائي، پنھل جمالي، ممتاز آريسر، باغي ڪالرو، ڊاڪٽر ڪي بي ٽالپر، وقار بوزدار ۽ اياز بليدي ٽنڊوالھيار ضلعي جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن تي عوامي گڏجاڻيون ڪري ماڻھن کي پاڻي جي کوٽ خلاف اڄوڪي ريلي ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني. مختلف ھنڌن تي خطاب ڪندي محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو ته پاڻي جو وڏو چور پنجاب آھي، جنھن مستقل سنڌ جو پاڻي قبضي ھيٺ رکي اڄ ڏڪار جھڙيون حالتون پيدا ڪري ڇڏيون آھن، درياھه تي سنڌين جو تاريخي، شرعي ۽ قانوني حق تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪندي پنجاب ڏاڍ جي بنياد تي سمورو پاڻي چوري ڪندو رھيو آھي، سنڌ پاڻي جي سنگين صورتحال کي منھن ڏئي رھي آھي، ٽنھي بئراجن تي ڪربلا جھڙو منظر آھي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم تائين سمنڊ جو کارو پاڻي ڌوڪي آيو آھي، لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباھه ٿي رھيو آھي. پ پ 2023ع جي اليڪشن کٽڻ لا سنڌ جي حصي جو پاڻي پنجاب کي لکي ڏئي ڇڏيو آھي. ان کان اڳ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو ۽ نواز شاھه ڀاڏائي ڪارڪنن سان گڏ چمبڙ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف 10 ڏينھن کان بک ھڙتالي ڪيمپ قائم ڪري ويٺل آبادگارن ۽ ھارين وٽ پھچي يڪجھتي جو اظھار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button