اسلام آبادپاڪستان

ميمبر خريد ڪري حڪومت ڪيرائڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ آف پاڪستان چيو آهي ته ميمبرن جي خريد و فروخت ذريعي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. هڪ چوي ٿو آزاد عدليا گھرجي ۽ ٻيو چوي ٿو آئين جي تابع عدليا گھرجي. سپريم ڪورٽ ۾ صدارتي ريفرنس جي شنوائي دوران جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته هڪ چوي ٿو ته آزاد عدليا گھرجي ۽ ٻيو چوي ٿو ته آئين جي تابع عدالت گھرجي. آئين جي تابع پارليامينٽ، ايگزيڪيوٽو ۽ عدليا هجڻ گھرجي. چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بينچ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ داخل صدارتي ريفرنس تي شنوائي ڪئي، ان سلسلي ۾ پي ٽي ءِ طرفان بابر اعواڻ دليل ڏنا. بابر اعواڻ دليل ڏيندي چيو ته يوٽيليٽي بلز ادا نه ڪرڻ وارا به رڪنيت جا اهل ناهن هوندا. جيڪڏهن آرٽيڪل 63 اي ۾ نااهلي جو مدو مقرر نه هجي ته تاحيات نااهلي هوندي. ان تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڪو اميدوار ايندڙ اليڪشن کان پهرين بل ادا ڪري ته ڇا تڏهن به نااهل هوندو؟ بل ادا ڪرڻ کانپوءِ نااهلي ختم ٿي ويندي. آرٽيڪل 62 ون ايف تحت ئي نااهلي تاحيات آهي. جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته جيستائين نااهلي جو ڊڪليئرشن عدالت ختم نه ڪري نااهلي برقرار رهندي. يوٽيليٽي بلز ادا نه ٿيڻ تي نااهلي تاحيات نٿي ٿي سگھي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو آهي ته اها روايت بڻجي وئي آهي ته پئسي سان حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويندو آهي، چند ماڻهن جي خريد و فروخت سان 22 ڪروڙ عوام جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي. ميمبرن جي خريد و فروخت ذريعي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڇا توهان چاهيو ٿا ته آرٽيڪل 63 اي کي ايترو سخت بڻايو وڃي جو ڪو به ان جي ڀڃڪڙي نه ڪري سگهي؟ بابر اعواڻ چيو ته عوام وٽ ووٽ جي طاقت کانسواءِ ڳالهائڻ جو ڪو وسيلو ناهي، ڪينسر جي علاج لاءِ سرجيڪل اسٽرائڪ 18 هين ترميم ۾ 63 اي ڪئي وئي، 18 هين ترميم اصل ۾ متفقه ترميم هئي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته هارس ٽريڊنگ جمهوريت ۽ نظام لاءِ خطرو آهي، غلط ڪم ڪرڻ ۽ ان مان فائدو کڻڻ ممڪن ناهي. ڏوهارين کي ان مان فائدو کڻڻ جي اجازت ڪيئن ڏئي سگهجي ٿي؟جسٽس مظهر عالم خيل چيو ته توهان چئو ٿا ڦري ويل ميمبرن کي تاحيات نااهل ڪريو، منهنجي نظر ۾ آرٽيڪل 63 (1) جي ڀڃڪڙي وڌيڪ سنگين ڏوهه آهي. آرٽيڪل 63 (1) جي ڀڃڪڙي عدليا، فوج جي تذليل ۽ نظريا پاڪستان بابت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button