اسلام آبادپاڪستان

پرڏيهي سازش تي عدالتي ڪميشن قائم ڪريو:صدر جو وزيراعظم ۽ چيف جسٽس کي خط

اسلام آباد :صدر عارف علوي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو پرڏيهي سازش بابت خط موجوده وزيراعطم ۽ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ڏانهن اماڻيندي جاچ لاءِ بااختيار عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو، جنهن ۾ صدر عارف علوي حڪومت ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ مبينا سازش جي جاچ تي زور ڏنو آهي. جوابي خط ۾ چيو آهي ته حڪومت ۾ تبديلي جي مبينا سازش جي مڪمل جاچ جي ضرورت آهي. پاڪستاني عوام کي وضاحت ڏيڻ ۽ معاملي کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ حالتن تي ٻڌل ثبوت رڪارڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير طرفان اماڻيل سائفر جي ڪاپي پڙهي سائفر ۾ ڊونلڊ لو سان گڏ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ٿيندڙ ملاقات جي باضابطا سمري موجود هئي. سائفر جي رپورٽ ۾ مسٽر لو جا بيان شامل آهن، جنهن ۾ خاص طور تي وزيراعظم خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ جو ذڪر ڪيو ويو. سائفر ۾ تحريڪ جي ڪاميابي جي صورت ۾ معافي، ناڪامي جي صورت ۾ سنگين نتيجن جو به ذڪر آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي ٻن اجلاسن ۾ توثيق ڪئي وئي ته بيان پاڪستاني جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جي برابر آهن. هن خاص معاملي ۾ غير سفارتي ٻولي ۾ واضح طور تي ڌمڪي ڏني وئي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم پنهنجي خط ۾ ڌمڪي تي امڪاني ردعمل ۽ اثرن جو ذڪر ڪيو. معاملي جي تفصيلي جاچ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪيترين ئي سازشن جي جاچ بنا ڪنهن نتيجي جي رهي. صدر چيو ته عمران خان جو خط وزيراعظم پاڪستان ۽ چيف جسٽس ڏانهن اماڻي رهيو آهيان. چيف جسٽس معاملي جي جاچ ۽ شنوائي لاءِ بااختيار عدالتي ڪميشن قائم ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button