اسلام آبادپاڪستانسنڌ

ارسا طرفان صوبن جي جائز حصي ۾ خلل وجهڻ سبب پاڻي جي کوٽ آهي:بلاول ڀٽو

اسلام آباد :پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڪوٺايل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو مسئلو اٿاري ڇڏيو. ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڻي کوٽ سبب عوام، خاص طور تي آبادگار ڏکيائين جو شڪار آهن. پاڻي جي کوٽ جو سبب ارسا جو صوبن جي جائز حصي ۾ خلل وجهڻ آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت جي بدانتظامي سبب خاص طور هيٺين علائقن ۾ فصلن کي نقصان پهتو آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي گئس پاور جنريشن پلانٽ لڳائڻ جي تجويز کي ماضي جي حڪومتن رد ڪيو. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ هڪ فوڊ سيڪيورٽي ٽاسڪ فورس ٺاهيو ته جيئن امڪاني غذائي بحران کي منهن ڏئي سگهجي. واضح رهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button