اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

وفاقي ڪابينا طرفان 30 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جي منظوري

اسلام آباد :ڪابينا 30 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي ڪابينا کي ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ زيرو آهي ۽ ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ لوڊشيڊنگ نه ٿي رهي آهي. ڪابينا گورنر پنجاب کي هٽائڻ بابت نوٽيفڪيشن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. اجلاس بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي قانون واري وفاقي وزير نذير تارڙ چيو ته ڪجهه آفيسرن آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. وفاقي ڪابينا پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما کي هٽائڻ واري فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا اهو به چيو ته ڪو به آئيني عهديدار پنهنجي اختيار کان تجاوز نه ڪري. آئين جي ان ڀڃڪڙي خلاف کنيل قدمن تي صلاح مشورا جاري آهن. توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته هن ڪابينا کي درخواست ڪئي آهي ته لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ اضافي وسيلا فراهم ڪيا وڃن. جنهن ڏينهن مون کي توانائي جو وزير بڻايو ويو، ان ڏينهن ملڪ ۾ اٺ کان ڏهه ڪلاڪ لوڊشيڊنگ هئي. وزيراعظم پهرين مئي کان لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. اڄ ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ زيرو آهي. سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ وزيراعظم سعودي عرب ۽ يو اي اي جي دوري جا تفصيل ڏنا. ڪابينا ملڪ ۾ ڪڻڪ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي رڳو مخصوص مدي لاءِ 3 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته محمد مسعود کي ڊائريڪٽر انڊسٽريل اينڊ ڪمرشل رليشن شپ پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري جو ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ڪابينا ايڊمرل (ر) سلمان الياس کي ايم ڊي شپ يارڊ انجنيئرنگ ورڪس جو ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ ۽ پاسپورٽ ايڪٽ 1974ع تحت هڪ کان وڌيڪ پرڏيهي پاسپورٽ رد ڪرڻ جي به منظوري ڏني. ڪابينا فيصلو ڪيو ته اهڙن پاسپورٽ کي نه رڳو رد ڪيو وڃي پر مستقبل ۾ ان جي روڪٿام لاءِ حڪمت عملي پڻ جوڙي وڃي. ڪابينا ٻن پاسپورٽ جي منسوخي جي آخري تاريخ 31 ڊسمبر 202 مقرر ڪئي آهي. ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 9 مئي جي اجلاس جي فيصلن جي توثيق ڪئي. وفاقي ڪابينا فواد اسد الله خان کي ڊي جي آءِ بي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا چيئرمين واپڊا جي عهدي تان ليفٽيننٽ جنرل مزمل حسين جي استعيفيٰ به منظور ڪري ورتي آهي. چيئرمين واپڊا جي مقرري جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين ميمبر فنانس واپڊا کي چيئرمين واپڊا جي عهدي جي اضافي چارج ڏني وئي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ حڪومت وٽ پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ ڪجهه هجي ها ته اڄ عمران خان کي ڪوڙو سازشي خط ڏيکارڻ جي ضرورت نه پوي ها پر ڇاڪاڻ ته عمران خان جي ڪارڪردگيءَ جو صفحو خالي آهي ته پوءِ هو اهي ڪوڙا سازشي خط لهرائي رهيا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ طرفان ڪڻڪ جي فصل لاءِ هارين کي ڪو به رليف نه ڏنو ويو، ڀاڻ جي فراهمي نه ڪئي وئي، جنهن سبب ملڪ ۾ ڪڻڪ جي موجوده صورتحال ۽ ڪابينا 3 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني. هن چيو ته ايندڙ فصل دوران هارين کي رليف ڏنو ويندو ۽ ملڪ کي ڪڻڪ برآمد ڪرڻ جي سگهه ملندي. هن چيو ته ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اٽي ۽ کنڊ جي اگهن بابت عوام کي ڏنل رليف پيڪيج جي به منظوري ڏني آهي ۽ کنڊ جو اگهه 70 رپيا في ڪلو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ڪابينا ملڪ مان کنڊ جي برآمد تي پابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ماضي ۾ کنڊ امپورٽ ڪري ملڪ ۾ کنڊ جي مصنوعي قلت پيدا ڪئي وئي آهي، ان تي ضابطو آندو وڃي. ان موقعي تي قانوني معاملن تي ڳالهائيندي قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته وفاقي ڪابينا اڄ پنجاب جي گورنر جي رويي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ۽ ڪابينا پنجاب جي گورنر کي هٽائڻ واري وزيراعظم جي فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا گذريل ڪجهه هفتن دوران پنجاب جي گورنر ۽ صدر پاران کنيل غير آئيني قدمن تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو آئين کان ٻاهر وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ ڪجهه آئين پرست ماڻهو آئين سان کيڏي رهيا آهن. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران نيازي مسلسل آئين شڪني جو مرتڪب ٿي رهيو آهي، پنجاب ۾ ٻيهر آئين شڪني جي سازش ڪئي پئي وڃي، گزريل چار سال ناقص پاليسين جي ڪري زرعي جنسن جي پيداوار متاثر ٿي، کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن کي مانيٽر ڪيو پيو وڃي. هڪ سوال تي هن چيو ته 3 اپريل کان 11 اپريل تائين هڪ شخص جي حڪم تي صدر، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، پنجاب جي گورنر آئيني اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو جيڪو پاڪستان جي آئين تي حملو آهي، اها آئين شڪني ڪهڙي طرح به برداشت نه ٿي ڪري سگهجي. ان تي ڪابينا ۾ تفصيلي مشاورت ٿي آهي. قانون اوري وزارت کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته ان جو خاتمو ڪيو وڃي ته اڳتي ڪير آئين شڪني جي جرئت نه ڪري سگهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف تمام جلد قوم کي خطاب ڪندو ۽ اهي سموريون حقيقتون قوم آڏو رکندو. هڪ سوال تي هن چيو ته صحافين جي پگهارن جي ادائيگي ۽ رهتن جي ايشوز تي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. پي آءِ ڊي جي اندر اسان ريفارمز آڻي رهيا آهيون ته جيئن ڪنهن به اداري جي رهتن کي محدود مدي جي اندر ڪليئر ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button