راڌڻ: پ پ جي سينيئٔر ڪارڪن ۽ ايم آر ڊي تحريڪ دوران جيل ڀوڳيندڙ عبدالستار ميراڻي احتجاج ڪندي چيو ته ميھڙ تعلقي ۾ پ پ اڳواڻن سينيئر ڪارڪنن کي نظرانداز ڪري من پسندن کي عهدا ڏنا آهن، بلدياتي اليڪشن ۾ به من پسندن کي ٽڪيٽون ڏيارڻ لا ڪوششون ڪري رهيا آهن، موٽرسائيڪلن کي گهمندڙ هاڻي وڏين گاڏين ۾ گهمي رهيا آهن. عبدالستار ميراڻي آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو، فريال ٽالپر، راجا پرويز اشرف ۽ سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙي کان تدارڪ جي گهر ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close