پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ اي سي ۽ مختيارڪار جا ڇاپا، دڪاندارن کان ڏنڊ وصول

ميھڙ: ميھڙ عوامي شڪايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر ميھڙ محسن علي شيخ، مختيارڪار برڪت علي بڙدي ۽ مارڪيٽ ڪميٽي جي سيڪريٽري اقبال احمد جوڻيجو شھر جو دورو ڪري سبزي، فروٽ، مڇي، گوشت ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين جا اگهھ چيڪ ڪيا، جڏهن ته سرڪاري ريٽ لسٽ تي عمل نه ڪندڙ ۽ ھٿرادو اگھه مقرر ڪري مھانگيون شيون کپائيندڙن تي 500 کان 2000 ھزارن تائين ڏنڊ وڌا. ٻئي پاسي اسسٽنٽ ڪمشنر ميھڙ پاران ھيٽ اسٽروڪ ھجڻ ڪري ميھڙ شھر جي مختلف چوراھن، راڌڻ، ٿرڙي محبت شھر جي مختلف علائقن ۾ ميونسپل ڪاميٽي ۽ ٽائون ڪاميٽي جي سھڪار سان ٿڌي پاڻي جون سبيلون پڻ لڳايون. ھوڏانھن اسسٽنٽ ڪمشنر ميھڙ سڀني ادارن جي آفيسرن سول سوسائيٽي جي اڳواڻن سان ميٽنگ ڪري شھر جي مسئلن تي غور ڪيو، جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر ميھڙ پاران ايڪسين واپڊا کي غير قانوني لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جون ھدايتون پڻ ڏنيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button