عالمي

اسرائيلي فورسز جي فائرنگ ۾ الجزيرا ٽي وي جي صحافڻ قتل

يروشلم :اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي فورسز جي فائرنگ سبب الجزيرا ٽي وي جي صحافڻ قتل ٿي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب الجزيرا ۽ فلسطين جي صحت واري وزارت شيرين ابو اقلاح جي موت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. الجزيرا جي رپورٽ موجب اسرائيلي فورسز طرفان صحافڻ شيرين ابو اقلاح کي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ جا سبب ته سامهون ناهن آيا پر سامهون ايندڙ وڊيوز موجب صحافڻ کي مٿي ۾ گولي هنئي وئي. اسرائيلي فورسز جي فائرنگ ۾ مارجي ويل شيرين الجزيرا جي عربي سروس جي ناليواري صحافڻ هئي. پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته شيرين جي موت تي اسرائيل طرفان ڪو ردعمل سامهون ناهي آيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button