اسلام آباد : اڳوڻي وزيراعظم عمران خان بي اعتمادي رٿ بابت ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي رولنگ خلاف پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني اپيل داخل ڪري ڇڏي. ڪالهه عمران خان 3 اپريل جي قومي اسيمبلي جي ڪارروائي تي ورتل پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ عدالتي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني اپيل داخل ڪئي آهي. اپيل ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ 7 اپريل تي حڪم ڏنو ته بي اعتمادي جي رٿ تي 9 اپريل تي ووٽنگ ڪرائي وڃي. عدالت جي 7 اپريل جي فيصلي ۾ ڪيتريون ئي خاميون آهن، جن تي نظرثاني جي ضرورت آهي.
تحريڪ انصاف چيئرمين اپيل ڪئي آهي ته اسيمبلي جي ڪارروائي دوران ڊپٽي اسپيڪر آئين جي آرٽيڪل 5 تي عمل ڪيو. حڪومتي سربراهه جو ڊپ اسپيڪر جي قدمن سان ڪو واسطو ناهي هوندو، تنهن ڪري سپريم ڪورٽ جي 7 اپريل جي فيصلي تي نظرثاني ڪندي ان کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.