اسلام آبادپاڪستان

سياست ۾ مذهب کي نه آڻڻ جي پاليسي ٺاهي وڃي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوليس کي مسجد نبوي صه واقعي تي ڪيس داخل نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله مسجد نبوي صه واقعي تي فواد چوڌري، قاسم سوري ۽ شهباز گل جي درخواستن تي شنوائي ڪئي، ان سلسلي ۾ فواد چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن جي درخواستن کي گڏ ڪري شنوائي ڪئي، جنهن دوران فواد چوڌري عدالت ۾ بيان ڏنو ته حاضر ٿي ويو آهيان، حيران آهيان ان ڪيس تي، مارشل لا به رهيو پر ڪنهن حڪومت توهين مذهب جي قانون کي ان طرح استعمال ناهي ڪيو. پرڏيهي وزير بابت مان نٿو چوان پر قانون واري وزير تي حيرت آهي. فواد چوڌري پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان کي ڪو ڏڦيڙ ناهي ڪرائڻو، هڪٻئي جي لاشن تي چڙهي ته وزير ناهي ٿيڻو نه، اهڙو رواج شروع ڪيو آهي ته ان جا سنگين نتيجا آهن. چيف جسٽس فواد چوڌري کان پڇاڻو ڪيو ته هي عدالت هن ڪيس ۾ ڪارروائي اڳتي هلائي؟ توهان کي هن تي اعتماد آهي؟ ان تي اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته عدالت تي اعتماد نه هوندو ته ڪنهن تي هوندو. جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته سياسي قيادت ئي سوسائٽي ۾ تبديلي ۽ صبر آڻي سگھي ٿي. مذهب کي سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ پاڻ توهين مذهب آهي. ان طرح 2018 ۾ به ٿيو ۽ پهرين به ٿيندو رهيو آهي، هي بنيادي حقن جي سنگين ڀڃڪڙين مان هڪ آهي. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته هڪ پرڏيهي کي سيالڪوٽ ۾ ماريو ويو ۽ مشال خان واقعو به سامهون آهي. هتي جيڪي به ڪيس داخل ٿي رهيا آهن، انهن جي درست خبر نٿي پوي. پنهنجي فائدي لا ڪيس ڪرائڻ پنهنجي ئي توهين ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته سياست ۾ مذهب کي استعمال نه ڪيو وڃي. ماضيءَ ۾ به ائين ٿيندو رهيو آهي، تنهن ڪري رياست کي گهرجي ته سياسي قيادت کي ويهاري ۽ سياست ۾ مذهب کي نه آڻڻ جي پاليسي ٺاهي. ڇاڪاڻ ته سياسي ٽڪراءَ لاءِ مذهب جو استعمال درست ناهي. رياست ماضيءَ ۾ مذهب جي بنياد تي اهڙيون حرڪتون ڪيون آهن، عوام جي جانين کي خطرو ۾ وڌو آهي. چيف جسٽس چيو ته چيف جسٽس چيو ته پاڪستان جي آئين جي وڏي بي حرمتي ٿي چڪي آهي، پاڪستان جو آئين ئي عوام کي گڏ رکي سگهي ٿو، اسان آئين کي بالادست نٿا سمجهون نه ته اڄ ملڪ ۾ اها صورتحال نه هجي ها، ادارا به ان جا تابع آهن. سڀني کي آئين جي پاسداري ڪرڻ گهرجي، هر ادارو آئين تحت جوابده آهي. عدالت مسجد نبوي صه واقعي تي ڪيسن خلاف قاسم سوري جي درخواست تي وفاق ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. جڏهن ته ايف آءِ اي عدالت ۾ جواب جمع ڪرايو، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ته مسجد نبوي صه واقعي کي نظر ۾ رکندي ڪائونٽر ٽيررازم ونگ ۽ سائبر ڪرائم ونگ ۾ ڪا ڪارروائي شروع ناهي ٿي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي جي جواب کانپوءِ چيو ته واقعي تي مقامي پوليس ڪارروائيون ڪيون آهن. عدالت مسجد نبوي واقعي تي پوليس کي ڪيس داخل نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button