لاهور : ملڪ ۾ توانائي بحران وڌيڪ سنگين ٿي ويو آهي. شارٽ فال هڪ دفعو ٻيهر 4 هزار 432 ميگاواٽ تائين پهچي ويو آهي. رپورٽ موجب ملڪ ۾ توانائي جو بحران سنگين صورتحال اختيار ڪرڻ لڳو آهي. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 8 کان 12 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. پاور ڊويزن ذريعن موجب ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 4 هزار 432 ميگاواٽ تائين پهچي چڪو آهي. بجلي جي گڏيل پيداوار 21 هزار 568 ميگاواٽ، طلب 26 هزار ميگاواٽ تائين پهچي چڪي آهي. ان جي ابتڙ بجلي جي گڏيل پيداري صلاحيت 36 هزار 39 ميگاواٽ آهي. ٻڌايو ويو آهي ته پن بجلي ذريعن کان 5 هزار 302 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي. سرڪار ٿرمل پاور پلانٽس 963 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهي آهي. نجي شعبي جي بجلي گهرن جي پيداوار 12 هزار 554 ميگاواٽ آهي. ونڊ پاور پلانٽس 305 ميگاواٽ ۽ بيگاس پاور پلانٽس 164 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهي آهي. نيو ڪليئر پاور پلانٽس جي پيداوار 2 هزار 279 ميگاواٽ آهي. جڏهن ته سولر پاور پلانٽس مان بجلي جي پيداوار زيرو آهي. ذريعن ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ 10 ڪلاڪن تائين بجلي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. هاءِ لاسز علائقن ۾ 18 ڪلاڪن تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close