اسلام آبادپاڪستان

ملڪ ۾ ٻه ڪوڙا آهن،هڪ عمران ۽ ٻيو پنڊي جو شيطان:راڻا ثناءُالله

اسلام آباد : گهرو وزير راڻا ثناءُالله شيخ رشيد کي جواب ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ ٻه ڪوڙا ماڻهو آهن، هڪ عمران خان ۽ ٻيو پنڊي جو شيطان. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته آئي ايم ايف سان عمران خان معاهدو ڪيو، ان جي مذمت ڪئي وڃي. هن چيو ته ڊالر کي بي لغام ڪرڻ جو ذميوار عمران خان آهي. چپڙاسي بني گالا ۾ ستل باس کي جاڳائين ها ته ان کي ٽي وي تان ڊالر جي قيمت وڌائڻ جي ڄاڻ پوي ها. هن چيو ته عمران خان جي ارسطو کي پڪڙيو وڃي، جيڪو معيشت کي لفٽ تي مٿي کڻي ويندي موت جي در تي پهچايو. رانا ثناءُالله چيو ته عوام کي مهانگائي ۾ ٻوڙڻ وارو عمران خان آهي. معيشت جا قاتل اڄ مظلوم بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ اهي حد کان وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button