اسلام آباد: اڳوڻي وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد سيپٽمبر ۾ چونڊن جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته نگران وزيراعظم لاءِ معيشتدانن جا انٽرويوز راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ٿي رهيا آهن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته 31 مئي کان اڳ فيصلا ٿيندا، انهن وٽ هڪ ووٽ جي اڪثريت آهي ۽ اهي قائم نٿا رهي سگهن. آصف زرداري ن ليگ کي اتي ماريو آهي، جتي انهن کي پاڻي نه ملي. هن چيو ته نيب، ايف آءِ اي ۽ اي اين ايف ۾ شنوائي جي پيروي نه ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، توهان نه نيب جو ڪجهه بگاڙي سگھندئو ۽ نه ايف آءِ اي کي ڪجهه ڪري ٿا سگهو. اصل مسئلو هي آهي ته تڪليف ڪٿي آهي ۽ سور ڪنهن ٻئي هنڌ ٿي رهيو آهي. حڪومت انهن کان هلي ناهي رهي، هي بهانا ڳولي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته هي جيتري دير ڪندا اوتري پنهنجي سياسي قبر کوٽيندا، بهتر آهي لانگ مارچ کان اڳ چونڊن جي تاريخ ڏني وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close