پاڪستانسنڌ

دادو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نينگر قتل، جوابدار فائرنگ ڪندا فرار

دادو: دادو شهر جي شهباز ڪالوني ۾ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري 13 سالن جي نديم پٽ رجب چانڊيو کي زخمي ڪري وڌو، زخمي نينگر کي سول اسپتال دادو آندو ويو، جتي هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. جڏهن ته مقتول نينگر جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا. نينگر جي پي رجب چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نامعلوم هٿياربندن در کڙڪايو ته نينگر ٻاهر نڪتو، جنهن بعد هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪيو آهي، هٿياربندن اسان جو گهر اجاڙي ڇڏيو آهي، اصل قاتلن کي وائکو ڪري ڪيفرڪردار تائين پهچايو وڃي. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او جو چوڻ هو ته معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد اصل قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button