پاڪستانسنڌ

ٿرڙي محبت ۾ چوري واپس نه ٿيڻ خلاف بيواهه جو پٽ سميت احتجاج

ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت ۾ محمد عرس وئنس جي گهر مان ٿيل چوري واپس نه ٿيڻ خلاف متاثر بيواهه اقبال بيگم پنهنجي نوجوان پُٽ محبت وئنس سان گڏجي دانهيندي چيو ته ميهڙ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد باءِ پاس لڳ اعواڻ ڳوٺ مان چار ڏينهن اڳ محمد عرس وئنس جي گهر مان ٻن لکن جا سونا زيور، هزارين رپيا روڪ ۽ ٻيو سامان چورائي ويا آهن، ٿاڻي تي اين سي به داخل ڪرائي آهي، پر پوليس چورن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو عرفان سمون ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي چوري ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button