اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

حڪومت 80 کان وڌيڪ غير ضروري ۽ لگژزري شين جي درآمد تي مڪمل پابندي هڻي ڇڏي

اسلام آباد :ملڪ جي معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي وفاقي حڪومت غير ضروري ۽ لگژزري شين جي درآمد تي مڪمل طور تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي امپورٽ بل ۾ هڪ ارب ڊالر في مهيني گهٽتائي جي تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ 80 کان وڌيڪ شين جي درآمد تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي خراب معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت فيصلا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، جنهن سان رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ايندي. شهباز شريف ملڪ ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ غير ضروري ۽ لگزري شين جي درآمد تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ ان فيصلي تي فوري طور تي عمل ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته غير ضروري ۽ لگزري شين جي درآمد تي قيمتي ناڻو خرچ ٿيڻ نه ڏنو ويندو. واپار واري وزارت ۽ ايف بي آر لگزري شين جي درآمد تي پابندي لڳائڻ جي تياري ڪري رهيا آهن. وزيراعظم جي سمري جي منظوري کانپوءِ امپورٽ پاليسي آرڊر ۾ ترميم ڪئي ويندي ۽ وڏين گاڏين، مهانگن موبائيل فونز، ڪاسمیٹٽڪس سميت ٻين شين جي درآمد تي پابندي لڳائي ويندي. درآمد تي پابندي جو مقصد درآمدي بل کي گهٽائڻ آهي. ان قدم سان هر مهيني هڪ ارب ڊالرن جي پرڏيهي مٽاسٽا جي بچت ٿيندي ۽ رپئي کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب تجويزن جي حتمي منظوري اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ۽ وفاقي ڪابينا کان ورتي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 80 کان وڌيڪ شين تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ سپر مارڪيٽن ۾ وڪري لاءِ امپورٽ ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته انهن شين ۾ ڪتي ۽ ٻلي جو کاڌو، پنير، مکڻ ۽ ٻيون شيون شامل آهن. ياد رهي ته پاڪستان جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا تيزيءَ سان گهٽجي ويا آهن، جيڪو هن وقت 22 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي آهي ۽ رڳو ڏيڍ مهيني جي درآمد لاءِ ڪافي آهن. جڏهن ته ڊالر 200 رپين کان به وڌيڪ مهانگو ٿي ويو آهي. آءِ ايم ايف سان اڃا تائين قرض جو معاهدو نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب پاڪستان کي به سريلنڪا جهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ جو خدشو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button