پاڪستانسنڌ

ڪوٽڙي ۾ زمين تي قبضي خلاف ڄامشورو واسڻ بيواهه جو احتجاج

ڪوٽڙي: ڄامشورو جي آر بي بي ڪالوني جي رهواسڻ بيواه صائمه راڄڙ پنهنجي ما سان گڏجي دانهيندي ٻڌايو ته بااثر ظهير حسين، رياض حسين ۽ زاھد راڄڙ بناجواز تنگ ڪري رهيا آھن، سيوهڻ انڊس هاوي تي منهنجي 18 ايڪڙ 18 گهنٽا زمين آهي، جيڪا منهنجو مرحوم مڙس علي محمد راڄڙ پنهنجي حياتي ۾ وڪرو ڪري ويو هو، هاڻي منهنجو ڏير ظهير حسين، سنڌ يونيورسٽي جو ملازم رياض حسين راڄڙ ۽ زاهد حسين راڄڙ زبردستي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ هٿياربند مقرر ڪري ڇڏيا آهن، بااثر سوشل ميڊيا تي به ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ڊي آ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کي ڪيترائي ڀيرا لکت ۾ شڪايت ڪئي آهي، پر تدارڪ نه پيو ڪيو وڃي. هنن اختيارين کان تحفظ جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button