ڪراچي ۾ پوليس جيئي سنڌ قومي پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ الهڏنو راهمون سميت ٻن ڄڻن کي ماري ڇڏيو، سي ٽي ڊي دعويٰ ڪئي آهي ته الهڏنو راهمون راهمون صدر ڌماڪي جو ماسٽر مائنڊ ۽ مارجي ويل ٻيو شخص نواب راهمون سندس ساٿي هو، ٻنهي جو تعلق سنڌ ريووليشن آرمي سان آهي، سندن هڪ ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز زئور الهڏنو راهمون جي مارجڻ کي دهشتگردي قرار ڏيندي چيو آهي ته الهڏنو هڪ سياسي ڪارڪن هو، سندس ڪنهن به ويڙهاڪ تنظيم سان ڪو تعلق نه هو، سندس قتل جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقي ماڙيپور ۾ سي ٽي ڊي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن جيئي سنڌ قومي پارٽي جي مرڪزي خزانچي الهڏنو راهمون ۽ نواب راهمون کي ماري ڇڏيو. سي ٽي ڊي عملدارن مطابق ڪراچي جي علائقي ماڙيپور ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اداري سي ٽي ڊي سان گڏ آپريشن ڪيو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته سندن ٻه ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. سي ٽي ڊي انچارج مظهر مشواڻي ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه دهشتگرد سخت زخمي ٿيا، جيڪي اسپتال نيئندي فوت ٿي ويا، ٻنهي دهشتگردن جا مڙهه سول اسپتال پهچايا ويا. هن چيو ته مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ الهه ڏنو ۽ نواب جي نالن سان ٿي آهي، جڏهن ته ٻنهي جو تعلق عليحدگي پسند تنظيم سنڌ ريووليشن آرمي سان آهي، هن چيو ته جوابدارن وٽان هٿ آيل سامان ۾ ڊائنامائٽ اسٽڪ، ٻه ٽي ٽي پسٽل، ڊيٽونيٽر ۽ ريموٽ ڪنٽرول شامل آهي، جڏهن ته ڌماڪيدار مادو به هٿ آيو، جنهن کي بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي اهلڪار ناڪارا بڻائي ڇڏيو آهي. سي ٽي ڊي مطابق مارجي ويل جوابدار الهه ڏنو صدر ڌماڪي جو ماسٽر مائنڊ هو ۽ سندس مارجي ويل ساٿي نواب امڪاني طور تي سهولتڪار هو. سي ٽي ڊي عملدارن مطابق مارجي ويل دهشتگرد الهه ڏنو صدر ڌماڪي ۾ بارود سان ڀريل سائيڪل بيهاري هئي، الهه ڏنو کي ريموٽ ڪنٽرول سان ڌماڪو ڪندڙ فوٽيج ۾ سڃاتو ويو، الهه ڏنو ئي بارود سان ڀريل سائيڪل کي صدر آندو هو ۽ ريموٽ سان ڌماڪو ڪيو، سي ٽي ڊي عملدارن مطابق دهشتگرد الهه ڏنو ۽ نواب جو تعلق ٿرپارڪر سان آهي، حساس اداري جي ٽيم سي ٽي ڊي سان گڏ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ چاهيو ته مقابلو ٿي پيو. هوڏانهن جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو آهي ته الهڏنو عرف اي ڊي راهمون قومي پارٽي جو مرڪزي خزانچي هو، هو هڪ پرامن سياسي ڪارڪن هو، جنهن جو ڪنهن به غيرقانوني سرگرمي سان پري جو به تعلق نه هو. کيس مقابلي ۾ شهيد ڪرڻ جي دعويٰ بلڪل ڪوڙي آهي. کيس گرفتار ڪري ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو آھي. ڇاڪاڻ جو مسنگ پرسن واري مسئلي تي جدوجهد ۾ هن جو اهم حصو ۽ ڪردار هو. هن چيو ته سنڌ ۾ پرامن سياسي ڪارڪنن کي دهشتگرد ڄاڻائي قتل ڪيو پيو وڃي. اي ڊي راهمون جو ڪنهن به پابندي پيل يا ويڙھاڪ تنظيم سان ڪو تعلق نه هو. گذريل ويهن سالن کان سنڌ اندر سياسي ڪارڪنن کي نشانو بنائي قتل ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته هڪ پرامن سياسي ڪارڪن طور اي ڊي راهمون جي جدوجهد عالم آشڪار آهي. نواز خان زئور وڌيڪ چيو ته شهادتون رائيگان ناهن وڃڻيون. شهيدن جي ريٽي رت مان انقلاب جي پرهه ڦٽڻي آهي. اي ڊي راهمون جي قتل خلاف سڀاڻي مظاهرا ڪيا ويندا. جڏهن ته ٽي ڏينهن سوڳ ملهايو ويندو. اي ڊي جي شهادت تي اٿاهه ڏک رسيو آهي. اسان هڪ وفادار ۽ ڪميٽيڊ سياسي ڪارڪن ۽ ساٿي کان محروم ڪيا ويا آهيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close