اسلام آبادپاڪستان

چونڊ سڌارن وارو بل ايندڙ هفتي قومي اسيمبلي ۾ آندو ويندو:خورشيد شاهه

اسلام آباد :وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت چونڊ سڌارن وارو بل ايندڙ هفتي قومي اسيمبلي ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ڪالهه خورشيد شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت ايندڙ هفتي چونڊ سڌارا بل قومي اسيمبلي ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. چونڊ سڌارن کان سواءِ چونڊون نٿيون ٿي سگهن. اليڪشن ڪميشن چونڊن لاءِ 7 مهينا گهريا آهن. آڪٽوبر ۽ نومبر تائين عام چونڊون ممڪن نٿيون ٿي سگهن. خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته قانوني ۽ چونڊ سڌارا ڪرڻا آهن. ڪجهه بجيٽ کان اڳ جڏهن ته ڪجهه بجيٽ کان پوءِ ڪيون وينديون. سينيٽ چيئرمين خلاف عدم اعتماد جو ڪو فيصلو ناهي ٿيو. عمران خان خلاف توهين جي ڪيسن ۾ پيپلز پارٽي کان راءِ نه گهري وئي آهي.وفاقي وزير چيو ته عمران خان تحريڪ حڪومت خلاف نه پر رياست خلاف هلائي رهيو آهي. عمران خان جي حڪومت آئيني طريقي سان وئي. پنجاب ۾ حمزا شهباز وٽ چئن ووٽن جي اڪثريت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button