سنڌ

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف ها ڪورٽ ۾ پٽيشن شنوائي لا منظور

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ پاڻي بحران بابت درخواست منظور ڪندي 18 مئي تي شنوائي جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه پيو ڏنو وڃي سنڌ ۾ پيئڻ ۽ زراعت لاءِ پاڻي نه آهي، جانور به مري رهيا آهن، ارسا ان معاملي تي چڱي طرح واقف آهي، پوءِ به پاڻي بند آهي، صوبي جا ڪروڙين ماڻهو متاثر آهن ۽ زمينون بنجر ٿي رهيون آهن، سکر، گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي کوٽ تي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، پاڻي چوري ۽ اختيارن جو غلط استعمال ڪرڻ تي جڊيشل انڪوائري جوڙي وڃي، ارسا کي پابند ڪيو وڃي ته هو سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏئي، درخواست ۾ ارسا، آبي ذخيرن واري وزارت ۽ زراعت واري سيڪريٽري کي ڌر بڻايو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button