ميرو خان ۾ پيرسن جوڙي مائٽن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺ قائم خان چانڊيو جي رهواسڻ پيرسن عورت اسلام خاتون پنهنجي مڙس نياز چانڊيو ۽ ڌي شادي شده 5 ٻارڙن جي ماءُ صبا زال سجاد چانڊيو کي ساڻ ڪري ميروخان ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي دانهيندي اسلام خاتون ٻڌايو ته ڀا محمد مٺل چانڊيو جي پٽ سجاد کي ڌي صبا جو سڱ ڏئي پنهنجي پٽ امجد لاءِ سندس ڌيءَ خديجا جو رشتو ورتو، جنهن بعد ڌي جي شادي سجاد چانڊيو سان ڪرائي جنهن کي هن وقت 5 ٻارن جو اولاد آهي هاڻي ڀاءُ منهنجي پٽ امجد جي مڱ خديجا جو رشتو ٻي هنڌ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو رشتو گهرڻ تان ڀاءُ ۽ ناٺي جان جا دشمن بڻجي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن هن چيو ته ڀاءُ محمد مٺل ۽ ناٺي سجاد چانڊيو پٽ لاءِ خديجا جو رشتو گهرڻ تان ڌي صبا کي مارڪٽ ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ميرو خان ٿاڻي تي ڀاءُ محمد مٺل ۽ ناٺي سجاد چانڊيو خلاف اين سي داخل ڪرائي آهي. هنن ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته ناانصافي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close