اسلام آبادپاڪستان

عمران جلسا ڪري پيدا ڪيل بحران لڪائي نٿو سگهي:شيري رحمان

اسلام آباد :پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته عمران خان پڻ تسليم ڪري ورتو آهي ته ان حڪومت جي سامهون بحرانن جو سمنڊ ڇڏيو آهي. پنهنجي بيان ۾ شيري رحمان چيو ته مهانگائي 4 کان 13 سيڪڙو ۽ ترقي جي شرح کي منفي تي وٺي ويندڙ جلسن ۾ هاڻي معيشت تي ليڪچر ڏئي رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1100 ۽ هڪ ڪلو کنڊ 90 رپين تي ڇڏي ويندڙ چون ٿا ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جي دعويٰ ڪندڙن 60 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ۾ عمران خان چوندو هو ته مون کي ٽيم سٺي ناهي ملي، هاڻي چوي ٿو ته مون کي ڪڍي منهنجي ٽيم جي ڪم تي پاڻي ڦيريو ويو. وفاقي وزير چيو ته اوهان ڪم ڪيو هجي ها ته حڪومت ۾ رهندي پنهنجي تڪن ۾ وڃڻ کان نه ڊڄو ها. وفاقي وزير چيو ته اوهان جي ۽ اوهان جي ٽيم جي بدترين ڪارڪردگي جو حساب عوام اوهان کان چونڊن ۾ وٺندو. سينيٽر شيري رحمان چيو ته جلسا ڪري ۽ بيانيو جوڙي عمران خان پنهنجا پيدا ڪيل بحران لڪائي نٿو سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button