اسلام آبادپاڪستان

جيستائين چونڊن جي تاريخ نه ملندي،اسلام آباد مان واپس نه وينداسين:عمران

اسلام آباد ؛ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسان صاف شفاف چونڊون چاهيون ٿا. جيستائين چونڊن جي تاريخ نه ملندي، عوام جو سمنڊ اسلام آباد مان واپس نه موٽندو. اسلام آباد ۾ نوجوانن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسلام آباد مارچ کان پهريان ملتان ۾ جلسو ٿيندو. ملتان ۾ مارچ جو اعلان ڪندس، حقيقي آزادي لاءِ اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪيو ويندو. عمران خان چيو آهي ته اسان جي منزل ويجهو آهي، اسان چونڊون چاهيون ٿا. اسان امپورٽڊ حڪومت نٿا چاهيون، الڪيشن ذريعي آزادي چاهيون ٿا. جيستائين صاف ۽ شفاف چوندن جي تاريخ نٿي ملي، اسلام آباد مان عوام جو سمنڊ نه ويندو. هن چيو ته هن حڪومت خلاف اسان جي آزادي مارچ ۾ اڳ کان به وڌيڪ ماڻهو شرڪت ڪندا، نه رڳو پاڪستان پر برصغير ​​جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڻهو شرڪت ڪندا، اسان جي آزادي مارچ جو سمنڊ اسلام آباد ۾ اچي رهيو آهي. هن چيو ته اسان جي اسلام آباد مارچ کان اڳ اسان جي آخري ملاقات ملتان ۾ ٿيندي ۽ ان ملاقات ۾ اوهان سڀني کي اهو ڏينهن ٻڌائيندس، جنهن ڏينهن منهنجي پوري قوم کي اسلام آباد پهچڻو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button