
ڏوڪري ۾ سوناري اجيت ڪمار جي دوڪان مان 3 تولا سون چوري ڪرڻ واري جوابدار کي پوليس سون سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪري ڇڏي. ان ڏس گذريل ڏينهن ايس ايڇ او ڏوڪري محمد مڱريو ڳالهائيندي چيو ته 13/05/2022 جي رات جو جوابدار جبران پٽ منٺار جويو دوڪان جو دروازو کليل ڏسي اندر گهڙي گودام ۾ لڪي ويهي رهيو هو. هنن چيو ته جيئن ئي اجيت ڪمار گهر ۽ دوڪان جو در بند ڪيو ته هن موقعي جو فائدو وٺندي سونا زيور چوري ڪري فرار ٿي ويو هو. اسان جوابدار کي گرفتار ڪري سونا زيور هٿ ڪري ورتا آهن.